"ڏڻ ـ وار" ڪَنهِن بـ جاتيءَ کي سَمجَھڻَ ۽ اُن جاتيءَ کي قائِم رکَڻَ ۾ مَدَدَ ڪَنِ ٿا. سنڌي جاتيءَ جي ڏِڻنِ مان سنڌيِ سنسڪرتيءَ جي جَھلَڪَ مِلي ٿي. هتي ڪجھـ هِندوُ سِنڌي ڏِڻَنِ بابَتِ ٿوريِ ڄاڻَ ڏجي ٿي .
۱. چيٽي چَنڊُ (سِنڌيَتَ ڏيِنهُن): چيٽي چَنڊُ سِنڌين لاءِ تَمامُ وَڏو ڏيِنهُن آهي. عيسوي سن ۹۵۰ ۾ سنڌيُنِ جي اِشٽ ديوَ شِريِ اُڏيري لالَ جو هِنَ ڏيِنهَن تي جَنَمُ ٿِيو هو. اُڏيري لال هِندوُ سِنڌيُنِ کي اُن وقت جي سِنڌُ جي حاڪِمَ مِرکه شاھَـ جي ظُلمَنِ کان بَچايو. وِرهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ سِنڌيِ 'چيٽي چَنڊَ ' کي 'سِنڌيَتَ ' جو ڏيِنهُن ڪري مَلَهائيِندا آهِنِ. چيٽي چَنڊَ کان سِنڌيُن جو نَئون سالُ شُروع ٿيِندو آهي.
۲. اَکَڻ ٽِيجَ: هيءُ ڏِڻُ ويساکـ مَهني جي ٽيِن تاريَخ تي ٿِئي ٿو. اِهو مَڃيو ويندو آهي تـ اَڄوڪي ڏيِنهن تي ڪَيَل دانُ هَميشَهـ قائِم رَهي ٿو.
۳. چاليِهو: آکاڙَ مَهني ۾ سِجُ جَنهِن ڏيِنهن ڪَرڪَ سنڪراتيءَ ۾ اَچي تَنهِن ڏيِنهَن کان وٺي لعل جو چاليِهو شروُع ڪبو آهي. ڪيترائي سِنڌيِ چاليِهَـه ڏيِنَهن ايڪاڻا (ورتُ) رَکَندا آهِنِ ۽ لعل سائينءَ جي پوُڄا ڪَندا آهِنِ.
۴. گوگِڙو - نانگَـ پنچَمي: سانوَڻَ جي پَنجَئن تي نانگَـه اَڳِيان کيرُ - ڦَلَ رکي پوُڄا ڪبي آهي. هن ڏِڻَ مان جِيو دَيا جي ڀاونا به ظاهِرُ آهي.
۵. نَنڍيِ ٿَڌڙيِ: اَڄوڪي ڏينهُن، صُبع جو ٻارَنِ ٻُڍَنِ، سَڀِني ڀاتيُن جي بدن تي اَکڙيوُن - ٽِڪڙيوُن ڇُهائي، ڇَنڊو هَڻِبو آهي ۽ ٿَڌو (اڳئين ڏيِنهَن تي پَچائي رَکُيل کاڌو) کائِبو آهي.
۶. وَڏيِ ٿَڌڙيِ: سانوَڻَ جي اوُنداهي ڇَٺِ تي لولا پَچائي، دانگي (ٺِڪَرَ جو تئو) ٺاربي آهي ۽ ٻِئي ڏيِنهُن - سَتئن تي - وَڏَن کي ڇَنڊو هَڻي ٿَڌو کائبِو آهي.
۷. ٽِيجڙيِ:
سانوَڻَ جي اونداهي ٽيِن تاريِخ تي ڪُنوارِيوُن ۽ سُهاڳِڻيوُن ٽِيجڙيءَ جو وِرتُ رَکَنديوُن آهِنِ. شامَ جو براهِمَڻ کَان ڪٿا ٻُڌيِ، چَنڊَ کي اَرڳُه ڏيئي وِرتُ ڇوڙيِنديوُن آهِنِ.
۸. ٻَنَ ٻَڌڙيِ: هِنَ ڏيِنهَن تي وامَن ڀَڳِوان راجا ٻَليءَ کي ٻَڌو هُئو. پوُڄا مَهِل ٿالَ ۾ پاڻي ڀَري ڀِتَر وِجِھبا، گاھَه جي ٻيڙيِ ٺاهي رکَبي، ڏيئو ٻاربو، پوءِ ٻارَ کي هَنجَ ۾ وِهاري پوُڄا ڪَبي.
۹. لال لوئي: هيءُ ڏِڻُ اُتِراڻَ کان هِڪُ ڏيِنهُن اَڳه ۾ ٿِئي ٿو. تمامُ گَهڻو اَڳـ۾ سالَ جي شُروعات ناهِريِ مَهني کان ٿيِندي هُئي، جيڪو سال هاڻي چيٽ کان شُروع ٿئي ٿو. ويدِڪ زَماني ۾ هِنَ ڏيِنهَن تي رِشي مُني يَگيُـه - هَونُ ڪَندا هئا. لال لوئيءَ جو ڏڻُ اُنهيءَ پراچيِن ڏِڻَ جي نِشاني آهي.
۱۰. اُتراڻُ (تِرَموُري):
جوتِش موُجِبِ ٻارهَن راسيوُن آهِنِ. مَڪَر راس به اُنهَنِ مان هِڪَ آهي. سِجُ جَنهِن ڏينهُن مَڪَر راس ۾ داخِلُ ٿِئي ٿو اُن کان وٺي مَڪَر سَنڪراتِ يا اُتِراڻُ شُروع ٿئي ٿو. اُتراڻ ۱۴ جنوريءَ تي مَلهايو ويندو آهي. هِنَ ڏِڻَ کي 'تِرموُري' بـ چَئِبو آهي. هِنَ ڏِڻَ تي ماڻهو تِرنَ جا لَڏوُن ۽ موري کائيِندا آهن.
هِنَن ڏڻن کان سواءِ پڻ سنڌيِ ڀارتَ جي ٻِيُنِ جاتِيُنِ سان گڏُ ڪيترائي ڏِڻَ مَلهائيِندا آهن.