سنڌوُ نَديِ بيحَد پراچيِن ۽ هِنَ اُپ کَنڊَ جي اَهَم نَديِ آهي. اِنَ ۾ ڪو شَڪُ ڪونهي ته سِنڌيِ جاتيءَ جي سَماجِڪ، تَهذيبي ۽ آرٿِڪ واڌاري سان سِنڌوُءَ جو تَمام گهَڻو واسطو رهيو آهي ۽ مُلڪَ جي راڄنيتِڪ ۽ آرٿِڪ زِندگيءَ تي بِه سِنڌوُءَ جو وَڏو اَثَرُ رَهيو آهي.
مهان هِمالَيـه پَربَتَ مان شُروع ٿيِندڙ سِنڌوُ نَديِ، دُنيا جي وَڏيُن نَديُن مان هِڪَ آهي. ڏََکَڻ ايشيا جي هِنَ نَديِءَ جي ڊيگهـه لَڳ ڀَڳ ۱۸۰۰۰ ميل (۲۹۰۰ ڪِلوميِٽر) آهي. ڏَکَڻ - اولَهه تِبَت ۾ سِنڌوُ نَديِ لَڳ ڀَڳ ۱۸۰۰۰ فوٽَن (۵۵۰۰ ميٽر) جي اوُچائيءَ تان، تِبَت جي اُتر - اولَهه طَرف هِمالَيه جـي لاهِيُن کان لَنگهَندِي اوڀَر - ڏَکَڻ جي طَرف کان ڄَموُن ڪشميِر ۾ داخِل ٿئي ٿي. سِنڌُ ۾ سِنڌوُ، اُتَر کان ڏَکَڻ طَرف وَهَندي سِنڌ کي ٻِن حِصَن ۾ وِرهائي ڇڏيِنديِ آهي.
آريَن جوُن پَهريوُن بَيٺڪوُن سِنڌوُءَ جي ڪناري تي ئي ٿيوُن هُيوُن. آريَن هِنَ نَديِءَ کي سِنڌوُ سَڏيو جَنهِن جو مَطلبُ آهي پاڻيءَ جو ڀَنڊار يا سَمنڊُ. سِنڌوُ نَديِءَ جي آس پاس جي ايراضيءَ کي سِنڌُ سَڏجي ٿو ۽ اُن ايراضيءَ ۾ رَهَندڙن کي سِنڌيِ سَڏجي ٿو. پارسِيُن، سِنڌوُ لَفظَ جو اُچارُ هِندوُ ڪيو ۽ گريِڪ جي رَهاڪُن اُن کي اِندوُ ڪَري اُچاريو. اَهڙيِءَ ريِت، سِنڌوُ نَديِءَ کي اِنڊَس رِوَر ۽ مُلڪَ کي اِنڊيا سَڏيو ويو ۽ هِنَ مُلڪَ جي رَهواسِيُن کي هِندوُ چَيو ويو. اَهڙيِءَ ريِت اَڄُ ڪَلهـه استعمال ٿِيندڙ لَفظَ اِنڊيا، اِنڊَس، اِنڊڪا، هِندوُ، هِندي، هَندُستان جو موُل سِنڌوُ لَفظَ آهي.
سنڌوُ نَديِءَ جي ڪِناري تي ئي پراچيِن ويدَن جو رِشِيُن اُچارُ ڪَيو. سَڀني کان پراچين گـ ويدَن سنڌوُ جي اُستتي ڪَندي چَيو وِيو آهي :
سَنڌوُ نَديِ رَٿَ، اَشوَ، وَسترَ، سونَ، اَنَ وَغيرَه سان سَمپوُرَڻُ آهي. اُنَ جي پرديشَ ۾ پَشِمَ بـ مَئوُ آهي. هوُءَ مِٺاجُ وَڌائيِندَڙ گُلَن ڦُلَن سان ڇانيَل آهي.
دارا، سِڪَندَر ۽ اُن کان پوءَ ٻيا ڪيترا حَملاوَرَ سِنڌُ جي ڌَن دولَتَ ۽ سِنڌُ ۾ رَهَندَڙَن جي خوشحاليءَ تي لالچجي سِنڌُ ۾ آيا ۽ سِنڌُ جي ماڻهُن کي خوُب لُٽيائوُن - ڦُريائوُن، ۽ سِنڌُ جي ۽ خوشحاليءَ کي تَباھه ڪَيائوُن. تَنهِن کان پوءِ ۷۱۱ع ۾ عَربَن سِنڌُ تي حَملو ڪَري اُتي پَنهِنجي حُڪوُمَتَ قائِمُ ڪَئي. اَنگريزن ۱۸۴۳ع ۾ سنڌُ فَتَح ڪَئي ۽ سِنڌوُءَ جي اَٿاهـه پاڻيءَ جو فائِدو وَٺَڻَ لاءِ بَراج ٻَڌايا.
ڪيتريُن صَديُن کان سِنڌوُ نَديِ، سِنڌيُن جي واڌاري ۽ وِڪاس جو ڄَڻُ ٻيو نالو آهي.
سِنڌوُ جي ڪِناري تي دُنيا جي سَڀَ کان اعليٰ تَهذيِب - سِنڌوُ ماٿريِءَ جي سَڀيتا جو وِڪاس ٿيو جَنهِن جي شاهِديِ اَڄُ بـه موهَن جو دَڙوڏيئي رَهيو آهي. سِنڌوُ ماٿريِءَ جي سَڀيتا دُنيا جي ٻِيُن پوءِ جي سَڀيتائُن جو هِندورو آهي. اُهو ئي ڪارَڻُ آهي جو سِنڌوُ لَفظُ ڀارَتَ جي قمي تَراني جو اَلَڳُ نـه ٿيِندڙُ حِصو آهي.