Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Ghazal - Hari Dilgir

هري ’دلِگير‘

غَزَل

جاڳُ اي ڦولَ - پري، راتِ وَڃَڻَ واريِ آ،

هاءِ، هيءَ سوُنهَن ڀَري راتِ وَڃَڻ واري آ.

ڏِس، سِتارن جا ڪَنول نيِل گَگَن ۾ ٿا ٽِڙَن،

صُبُح سان ويندا مَري، راتِ وڃَڻ واريِ آ.

پِرِهه جي هيِر ٿي ڌوُنڌاري سُتَل مُکڙين کي،

آئي سُرهاڻ تَريِ، راتِ وَڃَڻ واري آ.

راتِ راڻي ٿي هنئَر ماڪَ جا ڳوڙها ڳاڙي،

ڏِس نَظَرَ نيِر ڀَري، راتِ وَڃَڻ واري آ.

راتِ ھھَڙي جي هَلي ويئي هَٿَن مان، ويئي،

ايندي واپس نه وَري، راتِ وَڃَڻ واري آ.

چَنڊ، تارَن ۽ گُلَن کان بِه توُن شَرمائيِن ٿي،

ڏِس نه تِنِ ڏانهن چَريِ، راتِ وَڃَڻ واري آ.

وَقتَ کي روڪِ، مَٿسِ ڄارُ وِجھي گيِتَن جو،

آ سَندس چال چَريِ، راتِ وَڃَڻ واري آ.

Learn Poetry - Ghazal - Hari Dilgir of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server