Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Ghazal - Vasdev ‘Mohi’

واسديو ’موهي‘

غزل

پَنهنجو وَهِنوار ڪُجهه ڦَٻيو ڪونهيِ

پيرُ، ٻِئي پيرَ سان هليو ڪونهي.

ڏاڍيِ اوُندهه جَمع ڪَئي آ هُن

روشنيءَ جو ذرو بَچيو ڪونهي.

مُرڪي مُرڪي ڪري ٿو ڀاشڻ هوُ

رازُ هُن جو اَڃا کُليو ڪونهي.

نعرا، ڊپ، ڀڄ ڀَڄان، ڳُتيل جھوُپا

ڪَنهِن چَيو ڳوٺ هي وَڌيو ڪونهي.

هَر سِروٽي تي رَتَ جو آهي داغ

ڪوسَ جو ٻيو ڪو سَڳُ مليو ڪونهي.

ڪيڏيِ چُپ! ڄَڻ کَڻي نَٿو ڪو ساهُه

ڪوئي لَشڪر هِتان لنگھيو ڪونهي.

Learn Poetry - Ghazal - Vasdev ‘Mohi’ of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server