Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Asan Je Haal Te

'ڪِشنچند 'بيوس

پرارٿنا

اَسان جي حالَ تي هَردمُ،

سَٻاجها ٻاجهَه پَنهنجيِ ڪَرِ.

ڀَلارا ڀالَ پَنهنجيِ سان،

اَسانجو پاندُ پالهو ڀَرِ.

ڀُلِيلَ آهيون ته توُن پَنهنجيِ،

ڪَلا سان راهَه روشَنِ ڏي.

اَسانجو هيءُ قَدمُ ڪَچِڙو،

سَئين رَستي تي سائين ڌَرِ.

پَڙهون جيڪيِ ڌَرِيوُن دِلِ تي،

عَمَلُ ٿِئي عِلِمَ سان شامِلُ.

نَئين سِر چاهَه پَيدا ٿِئي،

فَضيِلَتَ ۽ اَدَبَ خاطِر.

اَسان جي حالَ تي هَردمُ،

سَٻاجها ٻاجهَه پَنهنجيِ ڪَرِ.

ڀَلارا ڀالَ پَنهنجيِ سان،

اَسانجو پاندُ پالهو ڀَرِ.

Learn Poetry - Asan Je Haal Te of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server