Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Sindhu Khe Kon Chaddhai

نارائڻ ’شيامُ‘

سِنڌُ کي ڪونه ڇڏائي ...

سِنڌُ کي ڪونه ڇَڏائي ڪو سَگھي سِنڌيُن کان،

سِنڌُ سِنڌيُن ۾ وَسي، سِنڌُ هِتي، سِنڌُ هُتي.

مُلڪُ بَڻجي ٿو مِٽيءَ سان نه، مَگَر ماڻهُن سان،

سِنڌُ کي ڪونه ڇَڏائي ڪو سَگھي سِنڌيُن کان.

ڄاڻَ ماڻهُن جي پَوي صافُ سَندَنِ ٻوليءَ مان،

شِيامَ، ڳالهائجي سِنڌيِ جِتي سِنڌُ اُتي،

سِنڌُ کي ڪونه ڇَڏائي ڪو سَگھي سِنڌيُن کان،

سِنڌُ سِنڌيُن ۾ وَسي، سِنڌُ هِتي، سِنڌُ هُتي.

Learn Poetry - Sindhu Khe Kon Chaddhai of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server