Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Ghazal - M

ايم. ڪمل

غزل

شَهرَ ۾ گوليِ هَليِ، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو

خَلقَ هڪ پاسي ڊُڪي، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

هَڪ ڌماڪي سان سَڄيِ روشِنيِ ميريِ ٿي وَئيِ،

اوچِتو ڌوُڙ اُڏيِ، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

”تون ڇا تون ڇا“ کان هلي گار ۽ پوءِ نِڪتا ڇُرا،

تَڪڙو آيس مان هَلي، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

رَستا خُوابَن ۾گِھٽِيوُن نِنڊَ ۾ غَلطان هُيون،

اوچتو چيِخَ اُٿي، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

مون ڀي ڪو پَل ڏِٺو رستي تي مريضن، پنهنجي،

گاڏيِ خود ئي ٿي ڌِڪي، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

گھر کان نڪتو هئس کيس سِڌي ڳالِهه چَوَڻَ،

دِلِ تَه هِمٿَ به ٻڌيِ، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

ساڻ سَڀني کي ڪري قافلو هڪ ٿي، وَڌجي،

راءِ سَڀِنيِ جي هُئيِ، پوءِ اَلائي ڇا ٿِيو.

Learn Poetry - Ghazal - M. Kamal of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server