Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Ghazal - Ishwar Aanchal

ايشور ’آنچل‘

غزل

جھيِل جَهِڙا نيڻ تن ۾ روح جو،

هڪ عَجائب آشيانو ٿي ويو!

بيخوديِ ۾ گُنگُنايم گيِت جو،

هر جَوان دل جو ترانو ٿي ويو!

راهَه ڀُلِجي تُنهِنجو مُنهِنجي گَھرِ اَچڻ،

توسان پَرچَڻ جو بهانو ٿي ويو!

جنهنکي ڀوڳيندي فنا ٿي زندگي،

اَڄ اُهو پِڻ هِڪ فَسانو ٿي وِيو!

ڇو نَه لَڳندُس مان سُڃاڻڻ کان پري،

مون ڏٺي توکي زَمانو ٿي ويو!

هِنکي ڪوئي عُذر کپندو هو، وڃان،

سک جي پل وانگر روانو ٿي ويو!

Learn Poetry - Ghazal - Ishwar Aanchal of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server