Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Ghazal - Krishan Rahi

ڪرشن 'راهي'

غزل

دِلِ جي غَمَ جو علاج ٿيِ نَه سَگھيو

حالُ ٻُڌندي به هوُ ٻُڌي نه سَگھيو.

سُڌِ هُئيِ عِشق جي نَتيِجي جي

دِل تي پر زور ڪو هلي نه سگھيو.

دِل جي آتَش ۾ دِل جَلي ويئي

دِل جو اَرمان پَر جَلي نه سگھيو.

قَيدَ ٻيا سڀ ته مان ڀَڃي آيس

قَيدُ غم جو مگر ڀڄي نه سگھيو.

غمُ سَھي جيءُ ته ڪو اِئين نه چوي

غم سهي ويو ته ڇا جي جيِ نه سگھيو.

وَقتَ جي راهَ ۾ مِليا راهي

تو جِيان مَگَر ڪو مِلي نه سگھيو.

Learn Poetry - Ghazal - Krishan Rahi of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server