۱.
سِنڌ جي تواريغ ڪافي پراڻي آهي. سنسڪرت گرامر جي وڏي ودوان پاڻنيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ کي 'سنڌوُ سَوويرُ' سڏيو آهي. ڀارت جي چئن ويدن مان هڪ رگه ويد آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ جا گڻ ڳايا ويا آهن. ويدن جي رچنا به سنڌوءَ جي ڪناري تي ٿي هئي.
۲.
'هند ' ۽ 'اِنڊيا ' لفظ جو بنياد ’سنڌ‘ آهي.
۳.
3. عربستان جي خليفي جي عيوضيءَ محمد بن قاسم سنڌ تي ۷۱۱ع ۾ فتح پاتي. اُن وقت سنڌ ۾ راجا ڏاهرسين جو راڄ هو.
۴.
4. مغل بادشاه اَڪبر جي ماءُ سنڌ جي هئي.
۵.
5. اَنگريزنَ سِنڌ تي ۱۸۴۳ع ۾ فَتَح حاصل ڪَئي.
۶.
6. ڀارَتَ جي ورهاڱي کانپوءِ سِنڌُ مان لڏي آيل سِنڌي گهَڻي ڀاڱي دَربَدر ٿي ويا. اُنهن کي وسائِڻ لاءِ ڀارت ۾ گُجرات راجيـه جي ڪَڇَ ضِلع ۾ هِڪُ نَئون شهِرُ گاِنڌيِڌامُ اَڏيو ويو. مَهاتما گانڌيِءَ جي هڪ سماڌي، دهليءَ کان سواءِ گانڌيِڌام ۾ پِڻ آهي.
۷.
7. سِنڌيُن جا اَبا ڏاڏا ڪَڇَ ۾ نارايڻ سَرووَر تي ياترا ڪَرَڻَ ايِندا هُئا.
۸.
8. سِنڌ جو مَشهُور 'ساڌٻيلو' وَڻکَنڊيِ مَهاراج بَرپا ڪَيو هو.
۹.
9. سِنڌ ۾ 'موهَنَ جي دَڙي' واري جَڳھه تي ظاهِر ٿِيل سِنڌوُ سَڀيَتا عيسيٰ کان ۳۰۰۰ سال اَوَل کان به وَڌيڪ پراڻي آهي.
۱۰.
10. سنڌ جي عظيِم شاعر شاه عَبدللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام (شاه جو رسالو) سنڌيِءَ جي لاڙيِ اُپڀاشا ۾ رچِيل آهي. هاڻوڪي رچِيل سنڌيِ ساهتيـه ۽ درسي ڪِتابنِ جو وڏو حِصو سنڌيِءَ جي وِچولي اُپڀاشا ۾ رچيل آهي. هيءَ اُپڀاشا سنڌ جي حيدراباد ۽ ساهتِيءَ ۾ ڳالهائي وينديِ آهي.
۱۱.
11. موجوُدَهِ سِنڌي لِپي ۱۸۵۳ع ۾ ٺاهي وَيئي هُئي.
۱۲.
12. هِندُستاني ٻوليُن ۾ قُران سَڀ کان پَهريِن سِنڌيِءَ ۾ تَرجِمو ڪَيو وِيو هو.
۱۳.
13. سِنڌ ڪيترائي وَڏا شاعر پَيدا ڪَيا آهِنِ اُنهَن ۾ مشهوُر ٽموُرتي آهي - شاهُـ - سَچَلُ - سامي. سِنڌيءَ جو پَهريوُن شاعر آهي 'قاضي قَادن'.
۱۴.
14. نارايڻ شيام ۽ شيخ اَياز ويِهيِن صَديءَ جا ٻه مَهان شاعِر آهِن.
۱۵.
15. ڪَويِ هوُندراج دُکايل کي لوڪُ ڪَويِ ڪري ڳَڻيو ويندو آهي.
۱۶.
16. پَهِرين سِنڌيِ اَخبار ۱۸۶۶ع ۾ شُروع ڪَئي ويئي هئي.
۱۷.
17. سنڌيءَ ۾ پهرين فلم ۱۹۴۲ع ۾ 'ايڪتا' نالي سان ٺاهي ويئي.
۱۸.
18. وِرهاڱي کانپوءِ ڀارتَ ۾ پَهريِن سِنڌيِ فلم 'اَباڻا' نالي سان ٺهي.
۱۹.
19. 'سي. ايڇ. آتما' ۽ 'بُلو سي راڻي' مَشهوُر سِنڌي گايَڪ ٿيا جن ڪيترُين ئي هِنديِ فلمُن ۾ گيت ڳايا.
۲۰.
20. ڀارتَ ۾ سَڀَ کان پَهريِن ٽَپالَ جي ٽِڪلي حَيدرآباد سنڌ ۾ ۱۸۵۲ع ۾ جاري ڪئي ويئي.
۲۱.
21. سِنڌُ ۾ پَهريِن ريل گاڏي ِ ۱۳ مئي ۱۸۶۱ع ۾ ڪَراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائيِن شروُع ٿي.
۲۲.
22. ڀارتَ ۾ هَوائي جَهازَ جي پَهريِن اُڏامَ بَمبئيءَ کان ڪراچيءَ (سنڌ) تائيِن ٿي.
۲۳.
س23. سنڌ ۾ پَهِريون ڪاليجُ 'ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ' ۱۸۸۷ع ۾ شُروع ٿيو.
ڀارت ۾ بـ سنڌين طرفان گهڻيئي ڪاليج جاري ٿيا،
جن ۾ پهريون ڪاليج هو جئـ هند ڪاليج (۱۹۴۸ع - ممبئي)
ڪي ٻيا ڪاليج آهن:
۱. رشي ديارام نئشنل ڪاليج ائنڊ ڊبليو. اي. سائنس ڪاليج - ممبئي.
۲. ڪشنچند چيلارام (ڪي. سي.) ڪاليج - ممبئي.
۳. هاسارام ريجھومل (ايڇ . آر.) ڪاليج آف ڪامرس ائنڊ ايڪانامس - ممبئي.
۴. ٿڌومل شهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج - ممبئي.
۵. آر . ڪي. تلريجا ڪاليج - اُلهاسنگر.
۶.ساڌو واسواڻي ڪاليج - پوني.
۷. آآدرش گرلس ڪاليج - اَجمير.
۸. تولاڻي ايف جي. پاليٽيڪنڪ - آديپور.
۹. تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف فارمسي - آديپور.
۱۰. تولاڻي ڪامرس ڪاليج - آديپور.
۱۱. تولاڻي ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس - آديپور.
۱۲. تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اسٽڊيز - آديپور.
۲۴.
24. ڀارَتَ جي پارليامينٽ جي بِلڊنگ هڪ سِنڌيِ ٺِيڪيدار لڇمَڻداس ڊيمبلا ٺهرائي.
۲۵.
25. ڀارت ۾ سِنڌُين ڪيتريوُن ئي وَڏيوُن اِسپتالون ٺهرايون آهن. جيِئن - ممبئيءَ ۾ جس لوڪ، هندوجا، رهيجا، اِنڊور ۾ چوئٿرام ۽ پوني ۾ اِنلئڪ ٻڌراڻي.