اَکرُ پَڙههُ اَلفَ جو، ٻِيا وَرقَ سَڀُ وِسارِ
اَندَرُ توُن اُجارِ، پَنا پَڙهَندين ڪيترا.
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارَ مَ موُن
موُن ۾ آهيِن توُن، مَتان تُنهنجو ئيِ توکي لَڳي.
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهيِن،
هُئا اڳ ۾ گڏ، ٻُڌڻَ ۾ ٻَه ٿِيا.