Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Panjkara Prabhu Wafa

پرڀو ’وفا‘

پنجڪِڙا

سُرهي سيج:

سُهاڳِڻ سُمهي ته مَهڪي سيجَ

مَٿي ۾ سُرها تيلَ ڦُليل

ڇَڻيِ پِيس چوٽيءَ مان رابيل

ڪَئيِ جو تِنِ سان هَٿِڙَن هيجَ

سُهاڳِڻ سُمهي ته مَهڪي سيجَ

جنس جي بلندي:

جَھڙون سَڀُ وِهه جوُن جھُري وَڃَن

ڪَنَن ۾ گھول ٻَه اَمرَت ٻول،

دِلين جا ڀيدَ، ڀَرَمَ ۽ ڀولَ

سندءِ ڀاڪُرَ ۾ ڀُري وَڃن

جَھڙون سَڀُ وِهه جوُن جھُري وَڃَن

اُها کِنَ:

بَدَنُ هو ڀاڪُر ۾ يا روُح؟

چُميا ٿي چَپَ موُن يا سُرهاڻ؟

هُئاسين تَرسيل اُن کِنَ ڪاڻ

نه جَنهِن کي راتِ ڇُهي نه صُبوح

بَدَنُ هو ڀاڪُر ۾ يا روُح؟

Learn Poetry - Panjkara Prabhu Wafa of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server