Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Kavta - Arjan Shad

اَرجن ’شاد‘

ڪوتا

وڇوڙو

هِڪ اَهڙو دَرد آهي

جيڪو ڏيکاريِ نه ڏَئيِ به

ڪَڏهن اَهڙيِ ڏيکريِ ٿو ڏي

جو اِنسان اِئين ٿو مَحسوُس ڪري

تَه هيءُ دَرد

ڪَهڙي به خوشيءَ جو مَفِهوُم

اُجاڙي خَتمُ ڪَري ٿو ڇڏي.

پيار ڪَرَڻ وَقت

مونکي اِها خَبر ٿوروئي هُئي

ته مان پيار ڪَري رَهيو آهيان

اِها خبر ته تَڏَهن پيئي

جَڏَهِن مونکي توکان ڌار ڪيو ويو

هيِنئر ته بسِ آهي خالي ماضي

۽ ذَهَنَ ۾ اُڪريَل

تُنهِجوُن پياريوُن تَصويروُن

جيڪي زِندگيءَ ڀَر

تَصويروُن ئي رَهَنديون

۽ مُنهِنجي لاءِ ڪَڏَهن به

حَقيِقَتَ جو روُپ نه وَٺَنديوُن.

Learn Poetry - Kavta - Arjan Shad of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server