Let's Learn Sindhi
Sindhi Quiz Online![]() Test your Sindhi Knowledge |
Poetry - Ghazal - Krishan Rahi ڪرشن 'راهي'غزلدِلِ جي غَمَ جو علاج ٿيِ نَه سَگھيو حالُ ٻُڌندي به هوُ ٻُڌي نه سَگھيو. سُڌِ هُئيِ عِشق جي نَتيِجي جي دِل تي پر زور ڪو هلي نه سگھيو. دِل جي آتَش ۾ دِل جَلي ويئي دِل جو اَرمان پَر جَلي نه سگھيو. قَيدَ ٻيا سڀ ته مان ڀَڃي آيس قَيدُ غم جو مگر ڀڄي نه سگھيو. غمُ سَھي جيءُ ته ڪو اِئين نه چوي غم سهي ويو ته ڇا جي جيِ نه سگھيو. وَقتَ جي راهَ ۾ مِليا راهي تو جِيان مَگَر ڪو مِلي نه سگھيو. Learn Poetry - Ghazal - Krishan Rahi of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو |
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server
|